شاهه ايليا

شاهه ايليا

شاهه ايليا

شاهه ايليا (ڪتاب): هي ڪتاب انگريزي ٻوليءَ جي جڳ مشهور ڊرامانگار شيڪسپيئر جي ڊرامي King lear جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناليوارو اديب مرزا قليچ بيگ آهي. هن هي ترجمو 1900ع ۾ ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، 1959ع ۽ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. 136 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ٻئي ڇاپي جو ‘ناشر پاران’ نوٽ ناليواري اديب ۽ ان وقت جي سيڪريٽري اعجاز منگيءَ لکيو آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته، “شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هن ڪتاب جي ترجمي تي وڏي محنت ڪئي آهي. ڪٿي ڪٿي اهڙا ته ٺيٺ سنڌي محاورا ۽ لفظ استعمال ڪيا آهن، جو گمان ئي نٿو ٿئي ته، هي ڪتاب انگريزي ڪتاب تان ترجمو آهي. ٻولي سلوڻي ۽ آسان فهم استعمال ڪئي وئي آهي.”
ڪتاب جي هن ٻئي ڇاپي جي قيمت 70 روپيا آهي.


لفظ شاهه ايلياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو